اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قط?? جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گ??يل مذهب، گ??يل اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قط?? جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قط?? جي سفير قط?? جي عوام ۽ قيادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قط?? ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قط??ي قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قط?? پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گ??يل مذهب، گ??يل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قط?? 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.