ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽو جي ??عرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيد??آب??د نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي چونڊن کان??وء?? ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ??احد سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي ۽ حيد??آب??د جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدو??رن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي چونڊن جي ??تيجن جي اعلان کان??وء?? ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي ??تح سڄي ملڪ جي ??تح آهي. ڪراچي ۽ حيد??آب??د جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدو??رن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جيئي ڀٽو جي ??عرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيد??آب??د نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلدياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدو??رن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ??اءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.