اسلا?? آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) ملڪ جي اولهندي ۽ مٿئين علائقن ۾ ڇنڇر کان سومر تائين جبلن تي برفباري سان گڏ برسات ??و سلسلو شروع ٿيندو، اولهندي هوائن جي اثر هيٺ علائقن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ اضافو متوقع آهي جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي، اڳڪٿ?? جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ جي لاءِ سمورن ل??ڳا??يل کاتن ۽ ادارن الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسميات کاتي موجب اولهندي هوائن جو ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي اولهندي حصن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آه?? جيڪو آچر تي مٿئين علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندو ۽ اها صورتحال سومر (ٻنپهرن) تائين برقرار رهي سگهي ٿي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ مريءَ، گليات، ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، پونچ، بٽيان، باغ، حويلي، سدهنوتي، ڪوٽلي، ڀمڀر، ميرپور)، گلگت بلتستان (ديامير)، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شڪر، چترال، دير، سوات، مانسهره، هري پور، ڪوهستان، ايبٽ آباد 28 (شام/ رات) کان 30 جنوري تائين جڏهن ته اسلا?? آباد، پوٺوهار ريجن، گوجرانوالا، گجرات ۾، حافظ آباد، مندي بهاءُ الدين، سيالڪوت، نارووال، لاهور، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، قصور، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، خوشاب، ميانوالي، سرگوڌا، ڪرڪ، پشاور، چارسده، نوشهره، صوابي، بونير، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ 29 ۽ 30 جنوري تائين ڪٿي ڪٿي ڳڙي خان برسات ۽ پهاڙن تي برفباري، / طوفان / گجگوڙ سان برسات ??و امڪان آهي. ڪوئيٽا، زوب، بارکان، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، پنجگور، تربت، خضدار، قلات ۽ مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ 28 ۽ 29 جنوري (شام/ رات) تي هل??ي کان وچولي برسات ??ڏهن ته پهاڙن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران بکر، ليه، ملتان، ڊيره غازي خان، سکر، بهاولپور، ساهيوال، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ به هل??ي برسات ??و امڪان آهي. مري، گليات، ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويليان ۾ وچولي درج?? جي شديد برفباري سان 28 تاريخ کان رستا بند ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان دوران مٿئين خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي سگهي ٿي. سياحن ۽ مسافرن کي ان عرصي دوران وڌيڪ محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اها برسات ??اص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي باراني علائقن ۾ بيٺل فصلن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. موسميات کاتي سمورن ل??ڳا??يل عملدارن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳڪٿ?? جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ”الرٽ“ رهن.