اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن چين جي ??سٽ??يٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان ??ي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه جو عڪاس آهي، ڪي ٿري منصوبو پاڪستان ??ي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين ليوجينگ ۽ پا??ست??ن ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پنگ چن شوئي جي قيادت ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه، جهازيب خان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن چين جي ??سٽ??يٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان ??ي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو عڪاس آهي، اهو پاور پلانٽ نه رڳو پاڪستان ??ي وڌندڙ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪستان ??ي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چين پا??ست??ن ۾ نيوڪليئر انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان ??والي سان ??لد وفدن جي سطح تي ملاقاتن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.