ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ چونڊن جي ذريعي سياسي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ا??ڙن خيالن جو اظهار ا??ورسيز انويسٽر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ص??ر چيو ته وسيع سياسي اونرشپ مثبت تبديلي جي لاءِ اهم آهي ۽ اهو رڳو چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي. پاڪ??تا?? ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت تي ڳالهائيندي ص??ر چيو ته هو پاڪ??تا?? ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جو سڀ کان وڏو حامي رهيو آهي، آءِ ٽي جو شعبو قومي نه پر عالمي بنيادي ڍانچي تي ٻڌل آهي ۽ ان جي لاءِ افرادي قوت جي ضرورت آهي، هي اها شيءَ آهي جنهن سان پاڪ??تا?? موجوده مشڪل وقت ۾ به فائدو کڻي سگهي ٿو. ص??ر چيو ته ملڪ کي درپيش ڏکئي مسئلن جي آسان حل جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان موقعي تي وفد صدر کي تازو ئي ڪيل ڪاروباري اعتماد سان لاڳاپيل سروي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڪ??تا?? ۾ ڊي??يٽ?? ٽرانسفارميشن جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي پريزنٽيشن ۾ ڊي??يٽ?? انفراسٽرڪچر ?? سيڙپڪاري، اي گورننس، ويب 3.0 ٽيڪنالاجيز جي انٽيگريشن ۽ امڪاني پاليسي آپشنز جي طور تي ڊي??يٽ?? ريگيوليشنز تي روشني وڌي وئي.