اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي وي??ن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذريعي تشخص کي محفوظ بڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذريعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون پوري دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون، ان سا?? گهريلو صنعت ۽ ثقافت به زنده رهندي آهي، ڪاروبار بهتر، قومي شناخت ۽ سياحت فروغ وٺندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سا?? ٿيندي آهي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تشخص کي نقصان پهچندو آهي. لوڪ ورثه ميلي جي حوالي سا?? تقريب دوران ميڊيا سا?? ڳالهائي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته لوڪ ورثه زبردست ميلو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، هي ادارو بنيادي طور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ميلي جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام کي جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آهي، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سا?? سڃاتي ويندي آهي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سا?? نڀائي رهيو آهي.