اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ ??وم قائداعظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي ??لندي ??وم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت تي ??ڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ ??وم قائداعظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ ??وم جو يوم ولادت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، ??وم جي حيثيت سان اسان جي لاءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري ??وم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب قائداعظم محمد علي جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.