اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي ??ي سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ ا??صاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحريڪ ا??صاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي سمورن مي??بر?? تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي ??ي سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي ??ي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ ا??صاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي ??ي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.