اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جو بنيادي سبب درآمدي ناڻي واڌ آهي، بدقسمتي سان اسان جي م??ڪ جو نظام اشرافيا جي لاءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي سهولتون اميرن ۽ اشرافيا لاءِ هيون، حضرت محمد ﷺ پهرين فلاحي رياست ٺاهي پوءِ خوشحالي آئي، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ سئو سي??ڙو اضافو ٿيو پر اسان ليوي ۽ سي??ز ٽيڪس ۾ 400 ارب روپين جو ساليانو خسارو برداشت ڪري صرف 22 سي??ڙو اضافو ڪيو، قيمتن ۾ اضافي جو اسان کي احساس آهي، انهي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪمزور طبقن کي ٽاگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هو ڪامياب پاڪستان پروگرام جي جاري ڪرڻ جي م??قعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ناڻي وارو وزير، وزيراعظم جو نوجوانن واري معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪست??ن هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انوار علي حيدر به خطاب ڪيو. وزيراعظم ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ان جي ٽيم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي آغاز تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پروگرام 74 سال پهرين شروع ٿيڻ گهرجي ها، اسان جي اها سوچ غلط هئي ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه اسان دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي، هو دنيا جي امام بڻجي وئي.وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي پيروي جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اختيار ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وزيراعظم چيو ته مديني ۾ پهرين فلاحي رياست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي م??ابلي ۾ ترقي جي رستي تي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي م??ي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن لاءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غربت مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته اسان جي مثالي اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ها ان تي طرف ڌيان نه ڏنو ويو. بدقسمتي سان اسان جو ملڪ هڪ مخصوص اشرافيا جو ملڪ بڻجي ويو، اسان جي تعليمي نظام ۾ هڪ مخصوص طبقي لاءِ موقعا هئا، اس??ن هڪ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيا جي لاءِ هيون، وزيراعظم چيو ته 1700ع ۾ هندستان جو جي ڊي پي 24 سي??ڙو هو، اتي اميرن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار ۾ واضح فرق هو، اميرن جي جزيرن ۽ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ڪو به معاشرو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي وچولي طبقي کي م??ي آڻيون ان جي لاءِ هائوسنگ جي شعبي ۾ فنانسنگ جو مشڪلاتون ختم ڪيون، ڪمرشل بئنڪن وٽ انفرااسٽرڪچر۽ تربيت جي گهٽتائي جي ڪري اسان ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مائيڪرو فنانس جي تصور سان اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هڪ سنگ ميل ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن سان برڪت ايندي آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريب ماڻهو کي علاج جي م??ت سهولت جي فراهمي هو، ان وقت اسان کي چيو ويو ته جيڪڏهن 50 سي??ڙو کان وڌيڪ غريب مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ته اسپتال بند ٿي ويندي، اسان 70 سي??ڙو مريضن جو مفت علاج شروع ڪيو هر گذرندڙ سال اسان کي پاڪستانين پاران ملندڙ عطئي ۾ اضافو ٿيو، هر سال 90 ارب روپيا مفت علاج تي خرچ ٿي رهيا آهن، اها الله جي برڪت آهي، غريبن جو دعائون الله ٻڌندو آهي، اسان ماضي ۾ ڪمزور ۽ غريب طبقي لاءِ نه سوچيو، حڪومتي نظام اشرافيا لاءِ بڻجي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ تي مزاحمت ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي مانيٽرنگ لاءِ نظام هجڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته حڪومت غربت کي م??هن ڏيڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سئو سي??ڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اسان 22 سي??ڙو اضافو ڪيو جن ملڪن ۾ تيل جي پيداوار آهي ان کانسواءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سڀني کان گهٽ اضافو اسان ڪيو، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سي??ڙو اضافو ٿيو، اسان صرف 22 سي??ڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 40 سي??ڙو جڏهن ته اسان 21 سي??ڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اسان ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم مصنوعات تي سي??ز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 40 ارب روپيا خسارو برداشت ڪيو، ان جي م??ابلي ۾ هندستان سي??ز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وزيراعظم چيو ته اسان کي قيمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي استعمال جي شين تي 40 سي??ڙو سبسڊي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته اسان 70 سي??ڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي ناڻي واڌ جي ڪري م??انگائي آهي.