اسلام آباد – 04 فيب??ور?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان ??ي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيب??ور?? يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ??هم پيغام ۾ چيو ته 5 فيب??ور?? تي هن سال به اسان پ??هنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان ??المي برادري کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ??وهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪي?? هو، جيڪو اڃان ??ائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان ??والي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو وي?? هو ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پ??ج فيب??ور?? تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان ??نهن سان گڏ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان ??ي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيب??ور?? تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.