اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جا لاڳاپا نئين بل??دي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ازبڪس??ان جي صدر جو پاڪس??ان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪس??ان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان اسان ويجهي دوست ملڪ ازبڪس??ان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪس??ان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪس??ان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو ا??م سربراهه ازبڪ صدر پاڪس??ان اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. ??فا??ي وزير چيو ته ازبڪس??ان سان ٽرين روٽ ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر پڻ ازبڪس??ان مان آيو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا لاڳاپا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪس??ان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري ??فا??ي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.