اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان هائوسنگ واري وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم ????يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مل?? جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي مل?? ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.