اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي م??يا??ي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اسلامي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون ??نصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي تعليمي م??يا?? ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلان سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ م??يا?? زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون ??لان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي ش??گردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي ش??مل ڪري، صد?? چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صد?? ملڪ ۾ م??يا??ي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.