اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم ميان شهباز شريف اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪراچي ۾ وزيرا??ظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي سربراهن سان گڏ قائدا??ظم جي مزار تي حاضري ڀريندو. وزيرا??ظم شهباز شريف جي مزار قائد تي حاضري جو مقصد پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ قائدا??ظم جي جوڙيل سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ جو ورجاءُ ڪرڻ آهي، مزار قائد تي حاضري کانپوءِ وزيرا??ظم وزيراعليٰ هائوس سنڌ جو دورو ڪندو، وزيرا??ظم ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي حڪمت عملي لاءِ مشاورتي عمل جي صدارت به ڪندو.