اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو ا??ساس ستائي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن ک?? ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو ا??لان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو ا??ساس ستائيندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو من??نجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن ک?? ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اس??ور?? ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو ا??لان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ??م ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.