??يص?? آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته اسان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ??شمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير مسئلي جي فوري حل لاءِ پ??هن??و موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??يص?? آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪشمير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ??شمير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.