جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هدايتن تي سڄي آزاد ڪشمير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم وي??ي سيد فدا حسين ڪاظمي هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام ??حي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد جي حوا??ي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير مسئلي جي باوقار حل جو خواهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف ??داءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لا??ِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي لا??ِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي حوا??ي سان راءِ شماري جي لا??ِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.