اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميسن لائين، گوادر کان رتوديرو م??ٽروي ايم 8 جو آ??ريشن سيڪشن بحال ڪيا ويا آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزير??عظ?? بحالي جي ڪمن جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آ??ي جڏهن ته کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي و??ي. گوادر کان رتوديرو م??ٽروي ايم 8 جو آ??ريشنل سيڪشن ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو. ايم 8 وانگو هلز جي جڳهه کان لينڊ سلائيڊن ڪليئر ڪئي وئي. ايم 8 موٽروي بحال ٿيڻ سان گوادر، آواران، خضدار ۽ رتوديرو جي لاءِ ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي. ايم 8 موٽروي سيڪشن کي مسافرن جي آساني جي لاءِ هڪطرفو کوليو ويو آ??ي. تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي. باجوڙ ۽ منڊا گرڊ اسٽيشنز تي معمول جا آپريشنز بحال ٿي ويا. ڀان سعيد آباد کي متبادل ذريعي سان بجلي سپلائي ڪئي پئي و??ي. وارا جي ڳوٺ کي قمبر گرڊ اسٽيشن مان بجلي سپلائي ڏني وئي و??ي. وزير??عظ?? جي هدايت تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ پاور ڊويزن بحالي جي ڪمن تي ڏينهن رات مقرر آهن.