اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻو??ي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي ??حا??ي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، ا??ٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي ??حا??ي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.