اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائون??ل جي وزيراعظم لي ڪي چيا??گ جي دعوت تي ا??و دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي ا??عقاد ۽ صدر شي جن پ??گ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قياد?? جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وزيراعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻ??له?? ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ا??جنڊا تي اڳڀرائي جي ا??يد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهم?? جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيڻ جي ا??يد آهي. سي پي?? جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.