شرم الشيخ – 16 نومبر(اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ ???? نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گهڻي تباهي ٿي آهي. ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. شرم الشيخ ۾ ڪاپ -27 اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ??ي تباه ڪارين بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ٻوڏ ??بب 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون قيمتي جانون ??ائ?? ٿيون. وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ ٻڌايو ته متاثرن جي آباد ڪاري لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي آهي. اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي.