اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ڪيل رهائشي يونٽس جي افتتاحي تقريب ۾ وڏي عمر جي عورت کي سهار?? ڏئي گهر جون چاٻيون ڏنيون. ٻوڏ متاثرين ۾ نئين تعمير ٿيل گهرن جون چاٻيون ورهائڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي عمر جي عورت زر??ل جڏهن چاٻيون وصول ڪرڻ جي لاءِ آئي ته وزيراعظم شهباز شريف ک??س سهار?? ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ چاٻيون ان جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر سهار?? ڏئي سيٽ طرف وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪئي.