نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ان حملي ۾ دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي هدف بڻائي پاڪ??تا??ي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ هو، تنهن هوندي به اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪ??تا??ي قوم کي پنهنجي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ متحرڪ ڪيو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪ??تا?? جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪ??تا?? ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اٺين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪ??تا??ي مشن طرفان منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزير 8 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ وحشياڻي دهشتگرد حملي جي متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ان حملي ۾ اسڪول جا 132 ٻار ۽ استاد ۽ عملي جا ميمبر شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ان حملي جي ذميواري نام نهاد تحريڪ طالبان پاڪ??تا?? قبول ڪئي، جنهن کي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي مناسب آهي ته اسان آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي جي آفيس جي پروگرام دهشتگردي جي متاثرين جي ياد جي هڪ حصي طور منعقد ڪريون. هن چيو ته هي دهشتگرداڻو حملو تمام گهڻو ڪڌو فعل هو ڇو ته دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي مارڻ هو، ان لاءِ اهو ٽارگيٽيڊ حملو هو، جنهن جو مقصد پاڪ??تا??ي عوام جي حوصلن کي شديد جهٽڪو پهچائڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪ??تا??ي قوم کي اسان جي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪيو. اسان جي سرحدن کي ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. پاڪ??تا?? جو آپريشن ڪامياب رهيو ۽ اسان جي سرزمين دهشتگردن کان پاڪ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي، ان سان 80 هزار شهري ۽ فوجي ماريا ويا يا زخمي ٿيا ۽ معيشت کي 120 بلين ڊالر جو نقصان پهتو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي ٽي پي ۽ ٻين ڪجهه دهشتگرد گروهن کي سرحد پار کان محفوظ پناهگاهون مليون آهن، جتان پاڪ??تا?? جي فوجي ۽ سويلين هدفن جي خلاف وقت بوقت ۽ ان کان به وڌيڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. ٽي ٽي پي جي وحشياڻي نوعيت ۽ ان جي اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي نشانو ب??ائ?? ۽ ٻين ڏوهن سميت وڏي پئماني تي ڦاهي ۽ سر قلم ڪرڻ کان به عالمي برادري جي ٽي ٽي پي، داعش جهڙن ٻين دهشتگرد تنظيمن سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم کي هٿي ملي. هن چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي منتشر ٿيڻ ۽ انضمام جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن پاڪ??تا?? جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪ??تا?? جي خلاف پنهنجي دهشتگرداڻي قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ هند??تا?? دهشتگردي جا الزام هڻي پاڪ??تا?? کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي ٻن سالن جي ميمبرشپ دوران اها ڀارتي مهم تيز ٿي وئي هئي. ڀارت ڄاڻي واڻي ممبئي ڪيس کي کليو رکيو آهي ته جيئن ان واقعي کي پنهنجي مرضي سان پيش ڪري سگهجي. اسان گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ لاڳاپيل سي ٽي سي جي خصوصي ميٽنگ ۾ ٻيهر ان ??رو??ئگنڊه جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ ڀارت ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪ??تا?? کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪ??تا?? ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙن ماڻهن کي لسٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جن تي پاڪ??تا?? پهرين ئي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ هند??تا?? پاڪ??تا?? جي خلاف دهشتگرداڻي حملن ۾ ملوث هند??تا??ي شهرين جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي چئن تجويزن کي روڪي ڇڏيو آهي، جهڙي طرح هن 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي پنهنجي چيئرمين شپ جو غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح هند??تا?? اڄ دهشتگردي تي بحث جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت جو فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي اجازت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پاڪ??تا?? دهشتگردي بابت هند??تا?? جي ٻٽي پاليسي کي بي نقاب ڪيو آهي. ڀارت پاڪ??تا?? ۽ ٻين پاڙيسرين خلاف دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح بي جي پي، آر ايس ايس جي غنڊن کي سڀني اقليتن خاص طور تي هند??تا?? جي مسلمانن جي خلاف زعفراني دهشتگردي جي کليل ڇوٽ ڏنل آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ڀارت کي ان جي دهشتگرداڻي قدمن جي لاءِ جوابدار ڄا??ائ?? جي پنهنجي ڪوشش جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽيليجنس ايجنسين وٽ پاڙيسري ملڪن جي ايجنٽن ۽ ڪابل ۾ اڳوڻي حڪومت جي عنصرن طرفان ٽي ٽي پي کي مالي ۽ تنظيمي مدد ۽ هدايتون فراهم ڪرڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اسان سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل سان هڪ جامع ڊوزيئر شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي ۽ پاڪ??تا?? جي خلاف ٿيندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اها پاڪ??تا?? جي اميد آهي ته ڪابل ۾ نوان عملدار ٽي ٽي پي کي پاڪ??تا?? جي خلاف سرحد پار دهشتگرداڻي حملن کان روڪي سگهندا. جهڙو هنن دوحه معاهدي ۽ ان کانپوءِ جي پاليسي اعلانن ۾ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن هوندي به ان مقصد طرف ڪوششون ناڪام نظر اچن پيون، ائين لڳي پيو ته ٽي ٽي پي ۾ پاڪ??تا?? جي خلاف اعلان جنگ ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي ۽ هن جا حملا تيز ٿي ويا اهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.