اسلام آباد – 05 ?? جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصل?? جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف انشورنس پا??يسي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ لائيف پا??يسي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن ??ي غيرضروري پريشاني کي منهن ??يڻو نه پوي، انهن قدمن سان رياست ۽ شڪايت ڪندڙ?? جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصل?? جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چيو ته پا??يسي هولڊرز کي پا??يسي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن ??يو ته چار مختلف پا??يسي هولڊرز مجموعي طور تي 19.5 لک رپي?? جي لائيف انشورنس پا??يسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندا?? جي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پا??يسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف محتسب حڪم?? جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيو?? جيڪي رد ڪيون ويون.