اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي وطن تي ڀارت جي قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏ??ي ۽ ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ آيل ??مون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت عالم بٽ دهليءَ جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغام ۾ ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ??مون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ??ئي آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، ان کي پاڻ کي وڏو جمهوري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان ڪشميري عوام تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي پيغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غير قانو??ي ۽ زبردستي قبضي جي مذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيصلو آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي پنهنجي وعدن باوجود ڪشميري عوام جي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀارت جي ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏانهن ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پ?? ڪل جماعتي ڪانفرنس جي هڙتال جي سڏ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ان جي مادرِ وطن تي ڀارت جي غير قانو??ي ۽ زبردستي قبضو انهن لاءِ ناقابل قبول آهي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ ملوث آهي ۽ ان لکين ڪشميرين کي بندوق جي زور تي يرغمال بنائي رکيو آهي، ان کي يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.