لاهور – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يوني??رس??ين ?? اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي قومي ۽ معتبر عالمي يوني??رس??ين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪندي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻن، تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي تعليمي ذريعي سان گڏوگڏ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهو?? يوني??رس??ي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي دوري دوران ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. لمز جي پرو چانسلر عبدالرزاق دائود، ريڪٽر شاهد حسين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد، بورڊ آف ٽرسٽيز ۽ ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن ۽ يوني??رس??ي جي سينيئر قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صد?? يوني??رس??ين ?? اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي قومي ۽ ناليوارين ?? معتبر عالمي يوني??رس??ين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪن، يوني??رس??ين کي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪي يوني??رس??ين کي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مسلسل ٿيندڙ اڳڀرائين سان هم آهنگ رهڻو پوندو جڏهن ته پاليسي ۽ فيصلاسازن، ريگيوليٽري ادارن ۽ بيوروڪريسي کي جدت ۽ ترقي جي خلاف پنهنجي روايتي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان کي جديد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي مقرر وقت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، يوني??رس??يون نئين ?? اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي نصاب سان ڳنڍين، هنرمند معياري گريجوئيٽس تيار ڪن جيڪي جديد دنيا جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل هجن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ ايجادن ۽ بهتري علم ۽ معلومات جي رواني پيدا ڪئي جڏهن ته معلومات ۾ اضافي سان ياد ڪرڻ ۽ روايتي انداز ۾ رٽو لڳائڻ جي ضرورت ختم ٿي وئي آهي، يوني??رس??يون پنهنجي ش??گردن ۾ معلومات جي بنياد تي درست فيصلاسازي، تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ جي مهارت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته يوني??رس??يون روايتي تعليم ذريعي کانسواءِ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي استعمال ڪن ته جيئن تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، اهڙي طرح يوني??رس??ين ?? داخلائن جي خواهشمند شاگردن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ داخلا ڏيڻ جي لاءِ يوني??رس??ين جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آن لائين ?? هائبرڊ تعليم آسان ۽ سستي آهي، ان کي آساني سان توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آن لائين ?? هائبرڊ تعليم فارغ ٿيندڙ شاگردن جي معيار ۽ مهارت تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪامياب آهي. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان برين ڊرين جي ڪري معياري انساني وسيلن کان محروم ٿيو آهي. هن يوني??رس??ين تي زور ڏنو ته اعليٰ تعليمي يافته ۽ قابل افرادي قوت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ ذريعا جوڙين. بعد ۾ صدر کي لمز جي قيادت اسٽريٽجڪ ترجيحن، اعليٰ تعليم جي ش??بي ۾ مسئلن ۽ معياري تعليم جي فراهمي ۾ لمز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان هيستائين 17000 کان وڌيڪ شاگرد يوني??رس??ي مان گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. لمز آن لائين ڪورس جي مواد جي ڪاٿي کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، يوني??رس??ي ملڪ ۾ پاليسي سازي خاص طور تي توانائي جي ش??بي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته لمز يوني??رس??ي ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان گڏجي سرگرم عمل آهي. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ لمز جي ڪردار کي ساراهيو.