اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي شهرت يافته نال??وا??ي هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضياءَ محي ا??دين جي لاڏاڻي تي ت??زيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي ا??دين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي ا??دين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي ت??بيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي ا??دين جو آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.