ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ??دالت?? قتل کي ملڪ ج?? نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان انصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي ??اني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي ??دالت?? قتل جي ??والي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ڀٽو جي ??يگناهي جي ??ق ۾ ايترا ثبوت ??يش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي ??دترين دشمن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چيئرمين قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ ج?? پهريو?? متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي ??روعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ??هادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي ??ئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي ??قن ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.