اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. پرڏي??ي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي ??ملڪتي ??زير ٻين شريڪ وفدن جي اڳواڻن سان ??طرفيون ملاقاتون ڪندي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو مڪينزم 2021ع ۾ پاڪستان جي قدم تي ??ائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف کي تيار ڪرڻ آهي. پاڪستان 8 سيپٽمبر 2021ع تي ??اڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين اجلاس جي ميزباني ڪئي. پاڪستان نومبر 2021ع ۾ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٿيندڙ ٻئي اجلاس ۽ مارچ 2022ع ۾ چين جي شهر تونشي ۾ منعقد ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان ??نهنجي بيان ۾ چيو ته اهو طريقيڪار افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي افغانستان جي صورتحال جون سڌوسنئون ڌريون آهن. بيان ??وجب پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ منسلڪ افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.