اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي ??وري تي آيل سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توهان جي ??رڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعودي عرب جي پنهنجي ??وستاڻي ۽ ڀائراڻي ه??ڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام سعودي عرب جي ??ڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ پارلياماني ??طح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي ??ترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي ??ترئين علائقن جي ??ير ڪن. سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪستان جي ??وام کان ملندڙ محبت سدائين ??اد رهندي. سعودي عرب پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي ??مورن صوبن جي ??وام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پارلياماني ??طح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.