اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻ?? جي پي??اوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پي??اوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، ج??ڪا گذريل مالي سال دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻ?? جي پي??اوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي سال دوران ڪڻ?? جي پي??اوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پي??اوار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پي??اوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي سال دوران چانورن جي پي??اوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.