اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيند??، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرا?? کي 1150 ارب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي م??صوبن لاءِ 61 ارب رپيا رکيا ويا اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ارب رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب رپين جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آ??ي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.