اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ??يو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چي?? ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ ??عيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ??رحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ ??قام عطا فرمائي ۽ پونئيرن ??ي صبر ڏي.