لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي ??راهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ ايل اين جي ??عاهدي سان گڏيل لاڳاپن جون نيون راهون کلنديون، ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي ??عاهدي جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ اهم ڏينهن آهي، حڪومت پاڪستان آذربائيجان ماهوار هڪ جهاز ايل اين جي خريد ڪندي، خريداري جو اختيار پاڪستان وٽ هوندو، جنهن سان ايل اين جي ??ه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو. ان معاهدي سان ملڪ ۾ سستي ايل اين جي ??يسر هوندي ۽ اها انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان معاهدي جو مدو هڪ سال تائين آهي جنهن کي وڌيڪ هڪ سال تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان پيٽروليم معاهدي سان گذريل سال آذربائيجان ۾ الهام عليوف ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم وارو س??ڪر??ٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندن ٽيم ان معاهدي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون آذربائيجان جي صدر ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير جا ٿورا مڃان ٿو جن ان معاهدي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان بجلي جي ??يم??ن ۾ اضافو ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ حڪومت ان اضافي جو بار غريب ماڻهن تي نه وجهندي، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي، بجلي جي 200 يونٽ تائين جي گهريلو صارفين تي ??يم?? ۾ اضافو لاڳو نه هوندو. ان موقعي تي آذربائيجان جي سفير چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي اهي ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ??اءِ اهم اڳڀرائي آهي. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان سان وڌيڪ شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ پيٽروليم واري صنعت ۾ معاهدي جي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، پيٽروليم واري س??ڪر??ٽري، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير، آذربائيجان جي ??يٽروليم ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا.