اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان ا??پيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن ا??پيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگ?? ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻه?? جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪست??ن ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انه?? جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندي?? جي ميد??ن ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندي?? جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.