اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ?? ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفا??ي وزير چيو ته حافظ حمدالله تي حملي جي مذمت ڪ??يو?? ٿا، بيگناهه شهرين ۽ ملڪ جي سياسي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري نگران وفا??ي وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.