اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرا??دا??ن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي فورم?? تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن ڪشميري ??وا?? سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري ??وا?? جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورم?? تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻ?? واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمي?? تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاري?? ڪشمير جي هٿين خالي ??وا?? تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاري?? ڪشمير جي ??وا?? کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته والاري?? ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاري?? ڪشمير کي ڪشميري ??وا?? لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ذريعن والاري?? ڪشمير ۾ سوين عورتن جي لڄ لٽڻ ۽ ڪشميري نوجوانن کي پيلٽ گن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روزمره جو معمول بڻايو آهي، هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ت?? والاري?? ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاري?? ڪشمير کي ڪشميري ??وا?? لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل بڻايو آهي، اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري ??وا?? جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري ??وا?? لازوال قربانيون ڏنيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيرو سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت تحريڪ آزادي ڪشمير جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.