اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آ??ي ته ??اڪ??تان ۾ رهندڙ غيرقانوني غ??رملڪين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ۾ چيو ته اهو فيصلو ??اڪ??تان جي خودمختيار ملڪي قانونن ۽ لاڳو عالمي قدرن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر ??اڪ??تاني عملدارن کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، غيرقانوني غ??رملڪين جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، ??اڪ??تان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪين تي لاڳو ٿئي ٿو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا غيرملڪي شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر آهن. ??اڪ??تان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن چيو ته لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ۾ ملڪ جو گذريل 40 سالن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ترجيحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪري. هن چيو ته ??اڪ??تان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.