ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو اعليٰ ڪويتي قيادت سان ملاقات جي لا??ِ البيان محل پهچڻ ت?? شاندار استقبال ڪيو ويو. محل پهچڻ تي ڪويت جي اول نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم کي ڪويتي اميري گارڊ جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جا ترانا و??ايا ويا. ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، قانون، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي ذخيرن وارو نگران وفاقي وزير عرفان اسلم ۽ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پڻ ??گران وزيراعظم سان گڏ هئا.