مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچي ويو. نگران وزيراعظم جي مظفرآب??د اچڻ تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق هيلي پيڊ تي سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي ويو جتي هن ??مون ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ جانين جا نذرانا پي?? ڪن??ڙ شهيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن جون تصويرون ڏٺيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم قانونساز اسيمبلي پهتو جتي کيس آزاد ڪشمير پوليس جي دستي پاران گارڊ آف آرنر پي?? ڪيو ويو. نگران وزيراعظم جو اهو دورو ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي ڀا??تي سپريم ڪورٽ پاران توثيق جي ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.