اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن سا?? واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سا?? آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفيرن سا?? گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم آفريقا سا?? پاڪستان جي لاڳاپن جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن سا?? ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سا??ن دوران بهترين سياسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا واپاري ڪا??فرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي واپار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سا?? پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان انهن اهم ملڪن سا?? ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خ??اهشمند آهي ۽ آسيان سا?? پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن سا?? تعاون جو خ??اهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪن سا?? مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انهن سا?? ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سا?? گڏجي ڪم ڪندا رهندا.