اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پر??يهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي شديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪستا?? پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کنيا آهن. پر??يهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مذهبي آزادي جي وڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پر??يهي کاتي جي نامزد فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي. اهو عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ايس سي ??ئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سل??ڪ بابت اٿاريل عوامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ موضوعي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذهبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي موجوده چئلي??ج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي تعميري مشغوليت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪستان ٻطرفي طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪستان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.