ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ??يڪنالاجي تائين عالمي پهچ کي لازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حڪمت عملين ۾ معاون ??يڪنالاجي جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي معاون ??يڪنالاجيز جي ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ڪيو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معاون ??يڪنالاجي (اي ٽي) تي پهريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزارن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي معاون ??يڪنالاجي جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاون ??يڪنالاجي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضر??رت??ن رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ماهرن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ تعاون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن. خاتون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 بلين ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاون ??روڊڪٽ جي ضر??رت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها پهچ رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ماڻهن جي لاءِ استعمال?? دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان کي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته معاون ??يڪنالاجي انهن تائين پهچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضر??رت آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معاون ??يڪنالاجي تائين پهچ کي وڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي معاون ??يڪنالاجي جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معاون ??يڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي معاون ??صنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معاون ??يڪنالاجي جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ معاون ??يڪنالاجي تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن، علم ۽ وسيلن کي ورهائڻ سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معاون ??يڪنالاجي عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدمتون خصوصي ماڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون ??جن. هن معاون ??يڪنالاجي جي مسلسل جدت ۽ بهترين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.