پشاور – 06 ??? م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفا??ي برساتن ۽ برفباري سان خي??رپ??تونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم خي??رپ??تونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد ??صف?? عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي تازي طوفا??ي برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خي??رپ??تونخواهه ۾ تازي طوفا??ي برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي انهن طوفا??ي برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خي??رپ??تونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪا??ي برفباري جي حوالي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفا??ي برساتن ۽ برفباري جي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقي??ي بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خي??رپ??تونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه ??صف?? عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.