ڪوئيٽا – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صوبائي وزيرن سان گڏ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن مير صادق عمراڻي، علي مدد جتڪ، مير ظهور بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران، مير سليم کوسو، فيصل جمالي ۽ غ??اله گولا ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ پيپلزپارٽي جي سي??يئر اڳواڻ نواب ثناءُ الله زهري وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.