تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ ش??اد?? تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي ??اري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزيراعظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ ش??اد?? تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ ??اڪ??تان جي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم ??اڪ??تان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي ??جاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر جي ويزن کي ??اري رکنداسين. وزيراعظم تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي محصور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي محسوس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان ??اڪ??تان سان پنهنجي لاڳاپن کي ??مام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ويزن کي ??ڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر کي ??اڪ??تان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.