پشاور -01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي گذريل رات دهشتگردن راڪيٽ لانچرن ۽ وڏن ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ??ي ويا. ڊي پي او خيبر سليم عباس ڪلاچي چيو ته پوليس جا ج??ان اڳ ئي الرٽ هئا، هن چيو ته ٻنهي تخته بيگ ۽ نواب ش??هه شهيد چوڪين جي اهلڪارن همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته دهشت??رد رات جي اونداهي جو فائدو وٺ?? ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جو اطلاع ملندي ئي خيبر پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو.