دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ ت??جڪ??تان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنب?? ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جم??يد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ ت??جڪ??تان جي سفير يوسف شريف زاده، ت??جڪ??تان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنب?? ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ ت??جڪ??تان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ ت??جڪ??تان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ??رق?? جي راهه تي گامزن ڪيو.