ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پول??و جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ت?? نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پول??و جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پول??و جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گ??ٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گ??ٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پول??و جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گ??ٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گ??ٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي قيادت ۾ چئني صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان حڪومت ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ملڪ مان پول??و جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عزم ظاهر ڪيو ۽ سمورين وفاقي ڌرين پول??و جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان پول??و جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن پ??ڪس??ان ۾ صحت جي سارسنڀال جي ن??ام خاص طور تي پول??و جي خاتمي لاءِ غيرمعمولي مدد ۽ تعاون تي بل گ??ٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پول??و جي خاتمي جي حوالي سان حڪومت جي ٻين حصيدارن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته پول??و جي خاتمي جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته 2025ع تائين ان موذي وائرس جو مڪمل خاتمو ڪريون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ مان پول??و جي مڪمل خاتمي جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پ??ڪس??ان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ڏنيون وڃن. هن تاڪيد ڪئي ته اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جي حوالي سان چئلينجز درپيش آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي لگن، پ??ڪس??ان حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پ??ڪس??ان پول??و جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پول??و جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. گ??ٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گ??ٽس پول??و جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۾ پول??و جي خاتمي جي ويڪسين جا ڦڙا پيئندڙ ٻارن جي شرح ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پ??ڪس??ان حڪومت پاران 40 لک ٻارن کي ان – ايڪٽويٽيڊ پوليو وائرس ويڪسين (آءِ پي وي) ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اجلاس کي پول??و جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ضلعي قلعه عبدالله ۽ ضلعي چڪوال مان هڪ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ڊويزنز پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جا وڏا مرڪز آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پول??و جي خاتمي جي حوالي سان نگراني جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي، پوليو وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پ??ڪس??ان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌائڻ جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پول??و جي خاتمي واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت واري سيڪريٽري ن??يم محبوب ۽ پول??و جي خاتمي بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس، پول??و جي خاتمي جي عالمي حصيدارن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.