راولپنڊي-15 نومبر (اي ??ي پي) بحرين جي نائب فرمانروا ڀائر ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ وارين ڪوششن جي اعتراف ۾ ايئ?? چيف مارشل کي بحرين ميڊل فرسٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئ?? چيف مارشل کي بحرين جي ساخر ايئر بيس تي ميڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ بحرين جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. ايئ?? چيف مارشل ميڊل ڏيڻ تي بحرين قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. ايئ?? چيف مارشل ظهر احمد سڌو سان ب??رين انٽرنيشنل ايئر شو جي موقعي تي آمريڪي ايئر فورس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊيرڪ فرانس جي ملاقات به ٿي. ايئ?? چيف مارشل ٻنهي اسٽريٽجڪ پارٽنرز وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمانڊر سينٽرل ڪمانڊ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. بحرين انٽرنيشنل ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جي ايف-17 بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن شرڪت ڪئي. بحرين جي فرمانروا ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت کي ساراهيو.